درِ فشان سان برائيڊل شوٽ ڪيو، شادي افواهه آهي، عفان

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ ماڊل عفان وحيد ڪو اسٽار در فشان سليم سان شادي جي افواهن تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.نجي ٽي وي کي شرڪت ڪئي،کيس ڪو اسٽار ڊار فشان سليم سان برائيڊل فوٽو شوٽ جون تصويرون ڏيکاريون ويون، جيڪي ڪجهه وقت اڳ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون هيون.تصويرون ڏيکاريندي کانئس اهو سوال به پڇيو ويو ته ڪجهه وقت اڳ افواهون هيون ته توهان جي اداڪارا در فشان سليم سان شادي ڪئي آهي، انهن ۾ ڪيتري صداقت آهي؟،ان سوال جو جواب ڏيندي عفان وحيد چيو ته هي فوٽو شوٽ اسان هڪ برانڊ لاءِ ڪرايو ۽ انهن تصويرن ۾ وڌيڪ سچائي ناهي،هن چيو ته اصل ۾ اسان ٻنهي گڏجي هڪ پروجيڪٽ ڪيو هو جيڪو تمام گهڻو ڪامياب ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو