درويش جي ديس ۾ …….؛؛؛

درويش جي ديس ۾ …….؛؛؛

طفيل مگسي
فلسطين جي عظيم شاعر محمود درويش جي ديس فلسطين جي علائقي غزه جي پٽيء ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي دهشگرد يا ائين چئجي جي ڌرتي جي شيطان امريڪا امريڪا ۽ برطانيه جي ناجائز اولاد اسيرائيل جي صيهوني صفت جي مالڪ اسرائيل جنونيت جي جيڪا انتها ڪريڇڏي آھي ان تي جيڪڏھن انسان جو دلين جيڪڏھن پٿر ٿي ڇڪيون آھن ته اشڪ نٿيون وهائين مگر آسمان آسمان ضرور اشڪ جا ڳوڙھا ڳاڙيندو هوندو.گذريل 7آڪٽومبر تي حماس جي طرف کان جيڪا ڪاروائي اسرائيل جي خلاف ڪئي وئي.ان جي پاداش ۾ صيهوني ذھنيت جي مالڪ يهودي رياست اسرائيل ڏينهن رات بنا ڪنهن وقفي جي جيڪا بارود جي برسات ڪري رهي آھي.ان کي ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪجي اهڙا لفظ شايد دنيا جي ڊڪشنري ۾ به نه ملي سگهن.اسرائيل جي جنونيت.صيهونيت ۽ سفاڪيت ايتري ته وڌي ڇڪي آھي جو ان کي حد جو به نالو نٿو ڏئي سگهجي.7آڪٽومبر کان وٺي هن وصت تائين جو منظر ائين ڏيک پيو ڏيئي ڄڻ تي هن ڌرتي جي گوليء تي قيامت کان سڳ قيامت برپا ٿي وئي آھي.هن وقت تائين اسرائيل جي صيهوني ذھنيت جي سبب هزارين ٻاتيون ٻوليندڙ ۽ ھن دنيا جهان کان اڻواقف يعني سمجه نه رکندڙ گلاب جي گلن جهڙن  معصوم پنگڙين سان مشابهت رکندڙ ٻارڙن يا کير پياڪ ٻارڙن..بيگناه عورتون .ضعييف ۽ بزرگ عمر جي فردن۽.مريضن  سميت هزارين جي انگ ۾ شھيد ٿي چڪا آھن.۽ ھزارين زخمي حالت ۾ تڙپي ۽ لڇي رهيا آھن.رهائشي آبادين سان گڏ بازارون.هزارين عمارٿون.مٽيء جي ڍير ۾ تبديل ٿي ڇڪيون آھن.جنهن ۾ لڳ ڀڳ چاليهن جي ويجهو مسجدون.لاتعداد اسپتالون.سينڪڙين اسڪولي ادارا.۽بين الاقوامي ادارن جا مرڪز.پناه گاهون شامل آھن.ايستائين ته جباليه پناهگيرن جي ڪيمپ جي ڪيترين ئي منزلن واري ڪشادگي عمارت کي به ٽارگيٽ ڪري خطرناڪ ڪرسٽل بمن سان نشانو بڻايو ويو آھي.غزه جي پٽيء تي اسرائيلي فوج جي هوائي.زميني ۽ سامونڊي رستي سان مسلسل تشددڀري بمباري جيئن جو تيئن جاري آھي.بقول عرب ميڊيا جي مطابق اسرائيلي فوج غزه واري پٽيء ۾ القدس.الشفاء ۽ انڊونيشيائي اسپتالن کي به پنهنجي وحشيت جو نشانو بڻايو ۽ الشاء ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ڀر ۾ بيٺل ايمبولينسز جي قافلن تي به بمباري ۾ ڪافي ماڻھو اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن.۽ اسرائيل جي طرفان الشفاء  جي ايمبولنسيز کي نشانو بنائڻ تي پنهنجو ردعمل ڏيندي صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر سوشل ميڊيا جي وسيلي ٻڌايو ته مريضن کي منتقل ڪرڻ وارين ايمبولينسز تي حملل سراسر انسانيت  دشمني ۽ وحشيت وجنونيت جو مظاهرونآھي.هن جل چوڻ ھو ته جنگ جي دوران طبي عملي ۽ طبي مرڪزن کي تحفظ مليل هوندو آھي.مگر اسرائيل هر قسم جون ۡدون ڪراس ڪري رهيو آھي.عالمي اداري“يونيسيف “چيو آھي ته غزه جي پٽيء کي قبرستان ۾ تبديل ڪيو ويو آھي.غزه تي اسرائيلي حملن ۾ ھينئر تائين هزارين معصوم ٻارڙا ۽ عورتون پنهنجا رت جا نذرانا ڏيندي شهيد ٿي چڪيون آھن.جنهن کانپوء شھيدن جو مجموعي انگ اٽڪل 10کان 15هزارن تائين پهچي چڪو آھي.غزه تي اسرائيلي ظلمن جو نشانو بنجڻ وارن زخمين جو انگ به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آھي.جنهن جو نقصان اٽڪل 40هزارن جي لڳ ڀڳ ٿيندو.۽ غزه ۾ اسرائيل جي بنا جنهن فرق وارن حملن ۽ بمباري ۾ رپورٽنگ ڪندڙن کي به ڄاڻي واڻي پنهنجي وحشيت جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
عالمي ادارن جو چوڻ آھي ته اسرائيل فلسطيني عوام جي نسل ڪشي.وحشيت ۽ درندگي جو اصل ذميوار چوڌري امريڪا آھي ۽ ساڻس سان گڏ برطانيه فرانس سميت مغربي عالمي طاقتن ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته ا هن ۾ انسانيت جي ڪا ڌپ به ناهي رهي.اهي سڀ صيهوني يهودين جا پوڄاري آھن.امريڪا ۽ برطانيه سميت  ڪيترن ئي يورپي ملڪن جا اڳواڻ اسرائيل جي صيهوني قيادت سان گڏ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڪري نه صرف اسرائيل کي وڌيڪ ڀڙڪائي رهيا آھن بلڪ هن کي جنگي ڏوهن جي لاء اربين ڊالرز جي مالي امداد.خطرناڪ هٿيار.جنگي جهاز پڻ ميسر ڪري رهيا آھن جڏھن ته اسرائيل اڳ کان ئي جوهري طاقت آھي ۽ جديد ترين ٽيڪنالوجي ۽ خطرناڪ هٿيارن سان هٿياربند آھي.اهي ئي اهڙا نام نهاد ملڪ آھن.جيڪي پهرين ڪعبي .نبين جي سرزمين فلسطين تي اسرائيل جي ناسور کي پيدا ڪرڻ جي لاء ذميوار آھن.جنهن جي پٺڀرائي سان اسرائيل جو جوهري طاقت ٿيو ۽ دهشتگردي سان فلسطين جي سرزمين کي هڙپ ڪرڻ لڳو.70سالن ۾ مقامي مسلم اڪثريت کي ننڍڙي غزه جي پٽي کي دنيا جي سڀ کان وڏي اذيتناڪ جيل ۾ ڌڪيو ويو.۽ روزاني جي بنياد تي فلسطين محڪومن و مظلومن کان ڏاڍ جي طور تي انهن جي زمين کسڻ ۽ انهن جو رت وهائڻ.ناڪابندي ڪرڻ.انهن جو پاڻي بند ڪرڻ ۽ خوراڪ جي پهچ کي روڪڻ .دوائن سميت انساني ضرورتن کان محروم ڪرڻ ۽ نسل ڪشي جي هڪ منظم مهم.جاري رکي آھي.اقوام.متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيل جي صيهوني ذھنيت جي مالڪ حڪمران نتين ياهو اعلان ڪيو ته پنج مسلم.عرب ملڪ به ستت اسرائيل کي تسليم ڪرڻ وارا آھن.جيتوڻيڪ فلسطين جي حق ۾ اٿڻ واري هر آواز کي سدائين جي لاء ختم ڪرڻ ۽ سرزمين فلسطين ۽ ان جي اصل وارثن کي مڪمل طور تي غلام بنائڻ جو فيصلو پڻ ٻڌايو ويو.جنهن کي فلسطين جي مسلمان ۽ ڌرتي ڌڻين رد ڪري ڇڏيو ۽ آزادي جي پنهنجي پيدائشي انساني حق جي حاصلات جي لاء 7آڪٽومبر کي جهاد جي نئين مرحلي جي شروعات ڪئي ۽ طوفان الاقصي آپريشن جي عنوان سان اسرائيل تي پنهنجو سڀ کان وڏو حملو ڪيو .جنهن جو امريڪا ۽ اسرائيل ڪڏھن تصور به نه ڪيو هو.بقول حماس جي هڪ اڳواڻ جي ته ڀلي اسان جي رت جون نديون ڇو نه وهي وڃن.ليڪن هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو ته جڏھن اسان2027ع تائين نادور جي حيثيت رکندڙ اسرائيل جو ڌرتي جي گولي تان ناپاڪ وجود سدائين جي لاء مٽائي ڇڏينداسين.چاهي مسلم.ڪميونٽي اسان جي مدد ڪري يا نه ڪري اسان پنهنجي خواب جي تعميل ضرور پوري ڪنداسين ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو