درخواست رد،پاڪستان عالمي يتيم خانو ناهي:عدالت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِڪورٽ افغان پناهگيرن جي ڪيمپن م سهولتن جي درخواست شروعاتي ٻڌڻي ۾ ئي رد ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته پاڪستان عالمي يتيم خانو ناهي جو سڀني کي پناهه ڏني وڃي.چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواست منينزا ڪاڪڙ ۽ بين ساٿي استحاق ايڊووڪيٽ جي معرفت داخل ڪئيهئي جنهن ۾ پرڏيهي، گهرو وزارت، صوبن جي آءِ جيز، افغان مهاجرن باب ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو هو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته افغان مهاجرن کي ڪيمپن ۾ سهولتون ناهن،افغان شهرين سان قانون موجب ورتاءُ ڪرڻ بدران ڪيس ڪيا ويا آهن.درخواست موجب لانڍي جيل ۾ 3 افغاني طبي سهولتن جي کوٽ جي ڪري فوت ٿي ويا. ننڍي عمر جي ٻارن کي به قيد ڪيو ويو ۽ ڏنڊ لڳايا ويا.افغان مهاجرن جي امداد لاءِ عالمي برادري جي امداد جو استعمال صحيح نه پيو ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو