خيرپور (ن س )خيرپور جي ڪچي جي جهنگلن ۾ ”نجاتِ مهران“ آپريشن ڪيو ويو.ايس ايس پي امير سعود مگسي چيو آهي ته 20 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن.ايس ايس پي موجب، سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل ڌاڙيل زاهد عرف ڪنڊو ڦلپوٽو هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. ايس ايس پي امير سعود مگسي واضح ڪيو ته ”نجاتِ مهران“ آپريشن ڏوهن جي خاتمي تائين جاري رهندو.










