خيرپور، صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جو عرس شروع

خيرپور (ن س )سنڌ جي صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جو 3 ڏينهن وارو عرس خيرپور ۾ شروع ٿي ويو آهي.خيرپور جي علائقي درزا شريف ۾ سنڌ جي صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي 3 ڏينهن واري عرس جو اڄ پهريون ڏينهن آهي.عرس جي پهرئين ڏينهن خواجه عبدالحق فاروقي مزار کي گلاب جي پاڻي سان غسل ڏنو ۽ گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي خواجه عبدالحق چيو ته حضرت سچل سرمست جي شاعري پيار، امن ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي.صوفي شاعر سچل سرمست جي عرس جي ٻئي ڏينهن سڄي ضلعي ۾ عام موڪل هوندي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه عرس جي ٻئي ڏينهن 14 رمضان المبارڪ تي اڳوڻي وڏي وزير سان گڏ عرس جو افتتاح ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو