خيبر ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا فوت

خيبر (ويب ڊيسڪ)ضلعي خيبر ۾ پراڻي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا 6 ڀاتي فوت ٿي ويا.پوليس موجب واقعو خيبر جي علائقي بازار زخيل ۾ صبح سوير پيش آيو، جتي هڪ سڙيل گهر جي ڇت ڪري پئي.پوليس موجب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي گهر ۾ ننڊ دوران دٻجي فوت ٿي ويا. علائقي واسين پنهنجي مدد سان ملبي مان لاش ڪڍيا. پوليس موجب فوتين ۾ 4 ٻار ۽ 2 عورتون شامل آهن، جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن ڏينهن کان جاري برسات سبب گهر سڙي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو