خورشيد شاهه جي ضمانت تي آزادي وارو عدالتي فيصلو معطل

سکر(جيرام داس ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ خورشيد شاهه جي ضمانت تي آزادي وارو احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ واري احتساب عدالت جي فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو هو. ٻڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏنا ۽ خورشيد شاهه جي وڪيلن جواب جمع ڪرائڻ سان گڏ دليل به ڏنا. ٻڌڻيءَ دوران پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي عدم حاضري تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پُڇيو ته خورشيد شاهه ڇو پيش نه ٿيو آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته سندس اصيل کي طلبي نوٽيس نه مليو هو. نيب پراسيڪيوٽر اعتراض واريندي چيو ته هُنن خورشيد شاهه جي گهر وڃي نوٽيس ڏنو هو. پ پ ايم اين اي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خورشيد شاهه جيل ڪسٽڊي ۾ آهي، نوٽيس جيل اختيارين کي ڏيڻ گهرجي ها سندس اصيل جي آزادي لاءِ ڪير به ضمانتي مچلڪا نه وٺي رهيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ خورشيد شاهه جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. جڏهن ته درخواست تي ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته سکر جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار خورشيد شاهه کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو