خورشيد شاهه جي آزادي لاءِ سول سوسائٽي پاران احتجاج

سکر(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه کي نيب پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين خورشيد شاهه جي گرفتاري خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي نصير گوپانگ، آصف راجپوت، حاڪم علي، سراج جاگيراڻي ۽ ٻين چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه کي نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ڪوڙي الزام هيٺ 9 مهينن کان قيد ڪري رکيو آهي. ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سيد خورشيد احمد شاهه خلاف انتقامي ڪارواين تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.9 مهينن کان سندس ضمانت به منظور نه پئي ڪئي وڃي. خورشيد احمد شاهه عوامي ليڊر آهي، سندس گرفتاري جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته سيد خورشيد احمد شاهه کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو