خميسو ميراڻي مان 4 ڄڻا اغوا، پوليس اڌ مان واپس، وارثن جو احتجاج

خانپور(زبيرگل) خانپور ويجھو ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خميسو خان ميراڻي مان رات دير سان ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي مڇي جي تلا ء تي ستل 4 ڄڻن ربنواز ميراڻي، عمران ميراڻي،  اقبال ميراڻي ۽ ثناء اللہ ميراڻي کي اغوا ڪري ويا. رستي تي ھڪ ڄڻي ربنواز ميراڻي کي ڇڏي باقي ٽنھي ڄڻن کي ھٿياربند اغوا ڪري ڳڙھي تيغي جي ڪچي ڏانھن کڻي فرار ٿي ويا. ان سلسلي م ناپر ڪوٽ پوليس ٽنھي ڄڻن جي اغوا جي تصديق ڪندي ٻڌايو تہ ھٿياربند مڇي جي تلاء تي ستل ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن جن جا پيرا ڳڙھي تيغي جي ڪچي کان ڪراس ڪري ويا آھن، ڌاڙيلن جي چنبي مان رستي تان آزاد ٿيل ربنواز ميراڻي صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان 4 ڄڻا مڇي جي تلاء تي ستل ھئا سين تہ اوچتو 6 ھٿياربند اسان کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اغوا ڪري کڻي ويا ڪچي ۾ مون کي آزاد ڪري ڇڏي ويا ء اسان جي 3 ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا، ھوڏانھن مغوين جي وارثن ، خميسو ميراڻي، اربيلو ميراڻي، غفار ميراڻي، آس پاس جي علائقن جي چڱن مڙسن غلام.حسين پھوڙ، غلام نبي پھوڙ، ء احتجاجي مظاھرو ڪندي  صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ علائقي ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي آھي اسان جا ٻچا بہ محفوظ نہ آھن ھٿياربند ڏوھاري کليل نموني سان ڪاروائي ڪندي ماڻھو اغوا ڪري رھيا آھن ، پوليس کي اسان ٿڏي تي اطلاع ڏنوسين پوليس اسان سان گڏ پيرا کنيا جيڪي ڳڙھي تيغي جي ڪچي ڏانھن وڃي رھيا ھئا ايس ايچ او ناپر ڪوٽ رستي تان واپس آيو ء اسان کي جواب ڏنو تہ اڳتي اسان نہ ٿا وڃي سگھون. مان اعلي آفيسرن کي اطلاع ڏيان ٿو ء اوھان جي مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو اسان جي گھرن م ڪھرام متل آھي ھنن آء جي سنڌ،  ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور کان مغوين جي جلد کان جلد  بازيابي جو مطالبو ڪيو آھي، ھوڏانھن واقعي جو ڪيس وغيرہ داخل نہ ٿي سگھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو