خدا غزه جي ٻارن کي وڌيڪ درد ۽ موت کان بچائي: ڀاسڪر

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر پڻ فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن خلاف ڳالهائي ورتو،انسٽاگرام تي سوارا پنهنجي نئين ڄاول ڌيءَ رابعه جي هٿ ۾ هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي غور سان ڏسي رهي آهي.ان سان گڏ اداڪارا هڪ ڊگهو ڪيپشن لکيو جنهن ۾ هن خوف جو اظهار به ڪيو ته جيڪڏهن سندس ڌيءُ غزه ۾ پيدا ٿئي ها ته هو پنهنجي ٻار کي ڪيئن محفوظ رکي ها.سوارا پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”ڪنهن به نئين ماءُ کي خبر آهي ته هوءَ پنهنجي نئين ڄاول ٻار کي سڪون ۽ خوشي جي احساس سان ڏسندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذاري سگهي ٿي، جنهن جو احساس هن دنيا ۾ ٻيو ڪجهه به نه آهي. سوارا ڀاسڪر چيو ته مان ان کان مختلف ناهيان ۽ مون کي پڪ آهي ته مون سميت سڄي دنيا جون مائرون جڏهن پنهنجن ٻارن کي ڏسنديون ته انهن جي ذهنن ۾ اهڙا واقعا جنم وٺندا جن کي نظرانداز ڪرڻ ناممڪن آهي.اداڪارا لکيو ته مان پنهنجي نينگريءَ جي ننڊ ۾ پرامن چهري کي ڏسندي رهيس ۽ حيران ٿي ويس ته جيڪڏهن هوءَ غزه ۾ پيدا ٿئي ها ته ان جي حفاظت ڪيئن ڪري ها. منهنجي دعا آهي ته مان پاڻ کي ڪڏهن به اهڙي حالت ۾ نه ڏسان، غزه ۾ روز آسمان هيٺ ٻارن کي قتل ڪيو پيو وڃي.سوارا ڀاسڪر چيو ته غزه ۾ ٻارن، اسپتالن، امدادي پناهگاهن ۽ عبادت گاهه تي بي رحم بمباري ۽ ان ظلم تي دنيا جي خاموشي ان ڳالهه جو اشارو آهي ته اسان اونداهي ۽ ناانصافي جي دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون.ڀارتي اداڪارا غزه لاءِ دعا ڪندي وڌيڪ چيو ته خدا منهنجي دعا ٻڌي غزه جي ٻارن کي وڌيڪ درد ۽ موت کان بچائي ڇو ته دنيا انهن جي حفاظت نه ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو