اسلام آباد (بيورو رپورٽ)توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين دفاع جو حق ختم ڪرڻ واري فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ چيئرمين ٽرائل ڪورٽ جو ڪالهه وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏيندي دفاع جو حق بحال ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.اڳوڻي وزيراعظم به اڄ درخواست جي ٻڌڻي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
