خان واهه کي 100 فٽ گهارو فصل لڙهي ويو، آبپاشي عملو غائب

خانپور(زبيرگل) ڳوٺ پليو بروھي لڳ گذريل رات دير سان  آبپاشي کاتي جي نااھلي سبب خان واھ کي 25 فٽن جو گھارو پئجي ويو جنھن سبب سوين ايڪڙ پوکيل ساريالو فصل لڙھي ويو آھي ,اطلاع باوجود آبپاشي عملو  گھاري واري ھنڌ پھچي نہ سگھيو آھي  ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي سڄو ڏينھن ڪوششون ڪندا رھيا پر گھارو بند نہ ٿي سگھيو آھي جنھن سبب ڳوٺاڻن جون وڌيڪ زمين ٻڏڻ جو خطرو آھي،  ھوڏانھن ڳوٺاڻن نورمحمد ، اللہ ڏنو بروھي،  محمد ڪريم بروھي، الطاف ٻرڙو، اسماعيل ٻرڙو ۽ ٻين دانھيندي ٻڌايو تہ خان واھ  کي گذريل رات دير سان گھارو لڳو آھي جنھن سبب اسان جي زمين م پوکيل ساريالو فصل پاڻي ھيٺ اچي لڙھي ويو آھي سڄو ڏينھن گذرڻ ۽ اطلاع باوجود آبپاشي عملو  گھارو بند ڪرڻ جي لاء نہ پھچي سگھيو آھي جنھن سبب گھارو وڌڻ سبب وڌيڪ زمين پاڻي ھيٺ اچڻ جو خدشو آھي ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪرڻ جي ڪوشش م مصروف آھن  ھنن سيڪريٽري آبپاشي ء اعلي اختيارن کان نوٽيس وٺي خان واھ کي لڳل گھارو بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو