خاصخيلي برادري جو بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز )رپورٽ منظور ملڪ(ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ سوڍو خاصخيلي ۾ خاصخيلي برادري جي مردن عورتن ۽ ٻارڙن سميت بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف سخت احتجاجي مظاھرو ـ بااثر اسان جي نئين تعمير ٿيندڙ گھر ڊاھي پٽ ڪري لوھ ۽ ٻيو سامان کڻي ويو ويو آھي انصاف ڪيو وڃي ـ ڳوٺاڻا ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ سوڍو خاصخيلي جي رھواسي مرد عورتن ۽ ٻارڙن غلام فريد خاصخيلي ـ دريا خان ـ مسمات صفوران مسمات شھناز خاصخيلي ۽ ٻين  ڳوٺ جي بااثرن صوف خاصخيلي ـ دائم خاصخيلي ۽ نياز خاصخيلي جي مبينا زيادتين خلاف سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو تـ اسان پنھنجي زرعي زمين تي گھر تعمير ڪرائي رھيا ھياسين جنھن جا ڪاغذ اسان وٽ موجود آھن ڳوٺ جو با اثرن صوف ۽ دائم خاصخيلي واري ڌر ھٿيارن جي زور تي اسان جو نئون تعمير ٿيندڙ گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو تـ اسان غريب آھيون رڪشا کپائي ڇت جو سامان ۽ لوھ وٺي آياسين جيڪو پڻ ھو کڻي ويا آھن ھنن چيو تـ  اسان جي زندگين کي خطرو آھي با اثر اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھوڏانھن ڀرياسٽي ٿاڻي تي واقعي جي اين سي پڻ داخل ڪرائي آھي ھنن ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو آھي تـ با اثرن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو