اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو کاتي 11 وڌيڪ مذهبي جماعتن تي پابندي مڙهڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. پابندي مڙهيل نيون تنظيمون ٽن اهم ۽ وڏين پابندي مڙهيل تنظيمن جماعت الدعويٰ، جيش محمد۽ فلاح انسانيت سان سلهاڙيل هيون. انهن جماعتن ۾ هڪ جو تعلق ڪراچي ۽ 10 جو نيٽ ورڪ لاهور، بهاولپور ۽ فيصل آباد ۾ آهي. انهن تنظيمن ۾ الفرقان ٽرسٽ ڪراچي ۾ آهي، الرحمت ٽرسٽ بهاولپور، الحمد ٽرسٽ لاهور/ فيصل آباد ۾ آهن. جڏهن ته باق سڀ لاهور ۾ آهن جن ۾ الانفال ٽرسٽ، ادارا خدمت خلق، الدعوت الارشاد، الفضل ٽرسٽ/ فائونڊيشن، مسجد ۽ ويلفيئر ٽرسٽ، المدينه فائونڊيشن، معاذ بن جبل ايجوڪيشن ٽرسٽ ۽ الايثار فائونڊيشن شامل آهن.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2024/06/patti-1-1536x173-1.jpg)