حڪومت 11 وڌيڪ مذهبي تنظيمن تي پابندي مڙهي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو کاتي 11 وڌيڪ مذهبي جماعتن تي پابندي مڙهڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. پابندي مڙهيل نيون تنظيمون ٽن اهم ۽ وڏين پابندي مڙهيل تنظيمن جماعت الدعويٰ، جيش محمد۽ فلاح انسانيت سان سلهاڙيل هيون. انهن جماعتن ۾ هڪ جو تعلق ڪراچي ۽ 10 جو نيٽ ورڪ لاهور، بهاولپور ۽ فيصل آباد ۾ آهي.  انهن تنظيمن ۾ الفرقان ٽرسٽ ڪراچي ۾ آهي، الرحمت ٽرسٽ بهاولپور، الحمد ٽرسٽ لاهور/ فيصل آباد ۾ آهن. جڏهن ته باق سڀ لاهور ۾ آهن جن ۾ الانفال ٽرسٽ، ادارا خدمت خلق، الدعوت الارشاد، الفضل ٽرسٽ/ فائونڊيشن، مسجد ۽ ويلفيئر ٽرسٽ، المدينه فائونڊيشن، معاذ بن جبل ايجوڪيشن ٽرسٽ ۽ الايثار فائونڊيشن شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو