حڪومت ڀُنگ ٿي گهري، عدالت سان رابطو، حڪومت کان جواب طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف حڪومتي بانڊ جي رقم کي ڀُنگ جي رقم قرار ڏيندي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ يعني اي سي ايل مان نواز سريف جو نالو هٽائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري ڇڏي آهي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ حڪومت کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌڻي جمع تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت منظور ڪئي پر وفاقي حڪومت ان ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي آهي. هن چيو ته آئين سڀني شهرين کي آزادانه نموني گهمڻ ڦرڻ جو حق ڏئي ٿو جنهن تي پابندي نٿي هڻي سگهجي. هن عدالتي استفسار تي ٻڌايو ته حڪومت هڪ مهيني جي اجازت ڏيندي پابنديون مڙهيون آهن، عدالت پڇو ته شهباز شريف جو نالو به اي سي ايل ۾ آهي ته وڪيل چيو ته هن جو نالو به هو پر عدالت خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت چيو ته نيب اسلام آباد نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪيو آهي ڇا اوهين سمجهو ٿا ته لاهور هاءِ ڪورٽ ان ۾ ڪجهه ڪري سگهي ٿي ته وڪيل چيو ته نالو عدالتي حڪم تي شامل ناهي ڪيو ويو اسين اي سي ايل ۾ نالو داخل ڪرڻ کي چيلينج ڪيو آهي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ بلڪل ٻڌي سگهي ٿي. جنهن بعد عدالت ايڊيشنل اٽارنجي جنرل اشتياق اي خان کي روسٽرم تي سڏايو جنهن چيو ته هي معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو آهي لاهور هاءِ ڪورٽ سماعت نٿي ڪري سگهي. عدالت چيو ته جيڪو ماڻهو جتان جو رهائشي هوندو آهي ته هو اتي جي عدالت ۾ ويندو آهي، اوهان اهو ٻڌايو ته ڇا نيب جي سفارش تي نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪيو ويو هو، وڪيل چيو ته سمورو رڪارڊ اسلام آباد ۾ آهي گهرائي ٿا وٺون عدالت ان بعد سماعت ملتوي ڪندي چيو ته لکت ۾ جواب داخل ڪريو. عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان پڇو ته کا نواز شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ به چاهي ٿو يا نه، جنهن تي هن چيو ته هو سڀاڻي پڇي ٻڌائيندو. ان کان اڳ مسلم ليگ جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن بعد شهباز شريف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان انساني معاملن ۾ زهريلي سياست ٿو ڪري اسين حڪومت جي انڊيمنٽي بانڊ کي ڀُنگ قرار ڏيندي چيو ته اسين ان کي رد ٿا ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو