لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڇنڇر تي لاهور هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ان کان اڳ ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته جيڪڏهن نواز شريف حڪومت کي انڊيمنٽي بانڊ نٿو ڏيڻ چاهي ته ڀلي عدالت ۾ جمع ڪرائي. ٻڌڻي دوران ميان شهباز شريف ۽ ٻيا مسلم ليگي اڳواڻ به موجود هئا. عدالت کائنس نواز شريف ۽ شهباز شريف جي وطن واپسي بابت لکت ۾ بيان جمع ڪرائڻ جو چيو جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل هٿ سان لکيل بيان حلفي داخل ڪرايو ته ڊاڪٽرن جي سفارش تي ميان نواز شريف پرڏيهه علاج لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ هو صحتمند ٿيڻ بعد واپس وطن اچي عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيندا. سرڪاري وڪيل چيو ته اسين صرف هڪ بيان ٿا گهرون جيڪو قانوني تقاضا آهي. جنهن تي عدالت چيو ته درخواست گذار جيڪو بيان ڏئي ٿو لکت ۾ اوهان اهو ڏسي وٺو. چنچر تي عدالتي ڪاروائي ۾ ٻه ڀيرا وقفو ڪيو وي. عدالت چيو ته هو ڌرين جي رضامندي سان ڪو نتيجو ڪڍڻ چاهن ٿا. ان دوران عدالت 7 سوال به ڪيا ته ڇا سزا يافته شخض جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي سگهجي ٿو، ڇا نالو ڪڍڻ لاءِ ڪه طرفو فيصلو ڪري سگهجي ٿو، ضمانت تي هوندي سزا معطلي کانپوءِ عدالتي حڪم جي موجودگي جي قانوني صورتحال ڇا هوندي، ڇا درخواست گذار انڊيمنٽي بانڊ بابت موقف تبديل ڪري سگهي ٿو، ڇا ڪو نقطو ميمورينڊم ۾ شامل يا ڪڍي سگهجي ٿو، ڇا ميمورينڊم انساني بنياد تي جاري ڪيو ويو آهي، ڇا ڌريون بانڊ جي رقم ۾ گهٽتائي ڪري سگهن ٿيون. ان دوران شهباز شريف جي مشاورت بعد سندس وڪيل هٿ سان لکيل ٻن صفحن جي ضمانت لکي ڏني ته صحتمند ٿيڻ بعد نواز شريف واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيندو.سرڪاري وڪيل شهباز شريف جي وڪيل پاران داخل ڪرايل بيان جي ڪاپي ورتي ۽ وفاقي وزارت قانون موڪلي جن چيو ته هن ۾ قانوني نقص آهن اسين پنهنجو ڊرافٽ جمع ڪرائينداسين. عدالت ٽيون ڀيرو وقفو ڪندي اڍائي وڳي سماعت ٻيهر ڪرڻ جو چيو پر سرڪاري وڪيل مشوري ۾ دير ڪئي. جنهن بعد سرڪاري وڪيل چيو ته عدالت مخصوص مدت لاءِ ضمانت منظور ڪئي آهي، شهباز شريف اهو لکت ۾ ڏئي ته نواز شريف جي نه اچڻ جي صورت ۾ هو ڏنڊ جي رقم ڀريندو. اسحاق ڊار به علاج لاءِ ويو جيڪو اڃا بيمار آهي. عدالت چيو شهباز شريف جي لکت ۾ ڪرايل خاطري ۾ هن چيو آهي ته نواز جي واپسي ۾ هو سهولتڪاري فراهم ڪندو ان ڪري لفظ سهولتڪاري بدران ان جي واپسي يقيني بنائڻ لکيو وڃي. عدالت چيو ته بيان حلفي ڏيڻ بعد نواز شريف واپس نه اچي اها توقع نٿا ڪريون. عدالت پڇو ته ڇا حڪومتي نمائندو اهو چيڪ ڪري سگهي ٿو ته نواز شريف ٺيڪ آهي. جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته لندن هاءِ ڪميشن جو ڪو نمائندو چيڪ ڪري سگهي ٿو. عدالت ڪاروائي ملتوي ڪندي چيو ته ٻنهي ڌرين جي ڊرافٽس جو جائزو وٺي هو نئون ڊرافٽ تيار ڪندا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن جمعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف جو نالو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي واري لسٽ يعني اِي سي ايل مان هٽائڻ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو هو ته عدالت ڪيس ٻڌي سگهي ٿي ۽ وڌيڪ ٻڌڻي ڇنڇر تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي. عدالت ٻڌڻي جي اختيار بابت حڪومتي موقف رد ڪري ڇڏيو هو. شهباز شريف پاران داخل ڪرايل درخواست تي حڪومت پاران ايڊيشنل اٽارني جنرل چوڌري اشتياق اي خان جواب داخل ڪرايو جنهن ۾ حڪومت نالو خارج ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ هي ڪيس نٿي ٻڌي سگهي. جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس سردار احمد نعيم تي مشتمل بينچ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو.

هي به پڙهو: حڪومت ڀُنگ ٿي گهري، شهباز شريف جي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

فاقي حڪومت ۽ نيب هن ڪيس ۾ ڌار ڌار جواب جمع ڪرايا ۽ ٻنهي چيو ته حڪومت پاران 7 ارب جي تاوان بانڊ جو شرط درست آهي ڇو ته نواز شريف هڪ سزا يافته قيدي آهي. نالو نيب جي درخواست تي لسٽ ۾ وفاقي حڪومت داخل ڪيو هو. ياد رهي ته وفاقي حڪومت چيو هو ته نالو خارج نه ٿيندو هڪ دفعو 4 هفتن لاءِ علاج لاءِ پرڏيهه وڃي سگهي ٿو ۽ داڪٽرن جي سفارش تي مدت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو