حڪومت وڃي ته وڃي بليڪ ميل نه ٿيندس،عمران خان

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن جي به هٿان بليڪ ميل نه ٿيندس حڪومت وڃي ته وڃي احتساب جو عمل جاري رهندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اقتصادي صورتحال ، آزاد ڪشمير جي چونڊ ، بجيٽ ۽ احتساب بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير وزير اعظم کي ترين گروپ سان ملاقات بابت آگاهي ڏني.ذريعن موجب ، ڪميٽي جي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جائز مطالبن کي پورا ڪيو ويندو.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته احتساب جو عمل جاري رهندو ۽ ڪنهن کان بليڪ ميلنگ نه ٿيندس ،هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت وڃي ٿي ته وڃي ڪو  غلط فهمي نه رهي ، ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندس ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائيندس.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي چونڊن جي تياري تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته وزيراعظم آزاد ڪشمير جي چونڊن لاءِ تياري تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم چيو آهي ته پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن وڙهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو