سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪريو،جلال شاهه

ٺٽو(رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)گذريل رات سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٺٽي پاران ملڪ رياض جي ملير ۾ قديمي سنڌي وسندين تي سنڌ حڪومت جي مدد سان حملا ڪري ڳوٺن کي ڊھرائڻ ۽ آبادين مٿان سڌي فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڊي وئي جيڪا بعد ۾ جلسي جو رخ ڪري وئي جنھن کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي ضلعي صدر سيد جلال شاھ ـ قومي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر ايڊووڪيٽ منور ڀٽو ـ پورھيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ اعجاز جاکرو ـ وحدت المسلمين جي اڳواڻ ڊاڪٽر شبير شاھ سمي ٻين اڳواڻن چيو تـ ملڪ رياض سنڌ حڪومت جي ملي ڀڳت سان ملير جي سنڌي آبادين ۽ ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ لاء حملا ڪري ڌرتي ڌڻين تي ظلم جي انتھا ڪري رھي رھيو آھي اڳواڻن چيو تـ اھو سب سنڌ تي راڄ ڪندڙ حڪومتي پارٽي تي چرچ تي ٿي رھيو آھي اڳواڻن چيو تـ اسان ڪنھن بي صورت ۾ ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ نـ ڪون ڏينداسين حڪومت ۽ حڪومتي پارٽي پنھنجو قبلو درست ڪري ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪري احتجاج ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ضلعي جي مختلف سياسي پارٽين احتجاج ۾ شرڪت ڪئي جنھن ۾ انصاف ليبر ونگ پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن جاويد لطيف ميمڻ ـ وقار احمد ميمڻ ـ مظھر علي ميمڻ ـ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ منور ڀٽو ـ سنڌي ياسر جاکرو ـ پي ٽي آئي سٽي جي صدر سيد جاويد شاھ ـ وحدت المسلمين جي اڳواڻ ڊاڪٽر شبير شاھ ۽ پورھيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻن سلمان جاکرو ۽ اعجاز جاکرو سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري جميل سمون ـ راجو قريشي ۽ ناٿو بروھي سميت سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو