لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ اڌ کان وڌيڪ شگر ملون ڪرشنگ شروع ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته انهن ملن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪي ڪرشنگ شروع نه ڪيون آهن.ڪمند ڪمشنر پنجاب چيو آهي ته پنجاب ۾ 27 شگر ملون ڪرشنگ شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته باقي 14 ملون اڄ چيڪ ڪيون وينديون ۽ ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪمند ڪمشنر پنجاب جو چوڻ آهي ته اڄ کان ڪرشنگ شروع نه ڪندڙ شگر ملن خلاف ايڪشن پلان تيار آهي ۽ جن شگر ملون ڪرشنگ شروع نه ڪئي آهي انهن تي روزانو 10 لک رپيا جرمانو ڪيو ويندو.ڪمند ڪمشنر موجب، ڪرشنگ سيزن دوران نگراني لاءِ ٽيمون ٺاهيون ويون آهن، آبادگارن کي ڪمند جي بروقت ادائيگي کي به يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ کنڊ جي نئين سپلاءِ اچڻ سان قيمت ۾ به گهٽتائي ايندي.










