حب ڊيم وڏو خطرو بڻجڻ لڳو، پاڻي اوورٽاپ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) حب ڊيم ۾ پاڻي ڀرجي ويو، جنهن بعد اسپل وي تان پاڻي ٻاهر وهڻ شروع ٿي ويو آهي. حب ندي ۾ پاڻي جي سطح ۾ چاڙهه جي خطري کي نظر ۾ رکندي علائقي واسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح جي گنجائش 339 فٽ آهي، ڊيم مان نڪرندڙ پاڻي حب ندي وٽان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. حب ندي اندر قائم ڪريش پلانٽس کي ٻاهر منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو