حارث رئوف جي بگ بيش ۾ بهترين بالنگ جو سلسلو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فاسٽ بالر حارث رئوف جي آسٽريلين ٽي ٽوئنٽي ليگ بگ بيش ۾ عمده ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي ۽ هن هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. بگ بيش ۾ ڊيل اسٽين جي زخمي ٿيڻ کان پوءِ ميلبورن اسٽار حارث رئوف کي پنهنجي اسڪواڊ جو حصو بڻايو هو. پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائيز لاهور قلندر جي نمائندگي ڪندي شهرت حاصل ڪندڙ حارث رئوف هاڻي پنهنجي بهترين بالنگ سبب ٻاهرين ملڪ ۾ به صلاحيتون مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. حارث بگ بيش ۾ پنهنجي پهرين ميچ ۾ متاثر ڪندڙ راند پيش ڪندي 20 رنسن عيوض 2 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. پر هن پنهنجي صلاحيتن جا جوهر هوبارٽ بريڪينز خلاف ڏيکاريا جنهن ۾ هن تباهه ڪن بالنگ ڪندي 27 رنسن عيوض 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. واضح رهي ته حارث رئوف هن مهل تائين بگ بيش ليگ جي ٽن ميچن ۾ 7.10 جي اوريج سان 10 وڪيٽون وٺي چڪو آهي ۽ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالرن جي لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو