سري نگر (ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير ۾ جي 20 اجلاس منعقد ڪرڻ تي ڪشميرين پاران سخت ردعمل ڏنو ويو آهي.آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي سڏ تي والاريل ڪشمير ۾ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، جنهن بعد ڀارتي فوج سرينگر جي مختلف علائقن ۾ دڪاندارن کي طلب ڪري دڪان کولڻ جي هدايت ڪئي.والاريل ڪشمير ۾ مودي سرڪار طرفان به غير انساني پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.فوج، پيرا ملٽري فورسز، ايلٽ نيشنل گارڊز ۽ مئرين ڪمانڊوز کي سرينگر ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.ڀارتي فوج ۽ پوليس پابندين تي عمل نه ڪرڻ تي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن.
