سنڌ جي سائين جي سالگره، مقررن پاران زبردست ڀيٽا پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نالي واري سياست دان ۽ مفڪر جي ايم سيد جي سالگره تقريب جي مناسبت سان اسلام آباد ۾ واقع ڊبيٽنگ ڪلب “بليڪ هول ” ۾ تقريب ٿي گذري تقريب ۾ اديبن , دانشورن ۽ صحافين جي ايم سيد جي زندگي , سياست ۽ جدوجهد تي روشني وڌي تقريب ۾ شريڪ نالي واري دانشور ڊاڪٽر ناظر محمود ڳالهائيندي چيو ته جي ايم سيد سان ڪو سياسي اختلاف رکي ته ڀلي رکي پر هن جيڪي ڪتاب لکيا انهن جي تاريخي حيثيت آهي نوجوانن ۽ سياست جي شاگردن کي ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي , نالي واري صحافي اعجاز مهر ڳالهائيندي چيو ته جي ايم سيد هر دور ۾ پاڻ کي متحرڪ رکيو , ڪڏهن هن ادبي سياسي پروگرامن ۾ پاڻ کي سرگرم رکيو ته ڪڏهن هو علمي خدمتن ۾ مشغول رهيو هنن پهريون بورڊنگ اسڪول ڳوٺ ۾ قائم ڪيو پير وڏيرن کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي اختلافن سبب جي ايم سيد مسلم ليگ ڇڏي نالي واري اديبا گلشن لغاري چيو ته جي ايم سيد سنڌ پرستي جو جيڪو ٻوٽو پوکيو اهو هڪ ڏينهن وڻ بڻجندو سندس فڪر کي ماڻهو هن صدي ۾ سمجهندا قانوندان ۽ ليکڪ محمد قاسم ميرجت چيو ته جي ايم سيد سنڌ جي نوجوانن جي جتي سياسي آبياري ڪئي اتي هن سنڌي ٻولي کي لاجواب ڪتابن جو لاجواب خزانو ڏنو صحافي طارق سيال ڳالهائيندي چيو ته جي ايم سيد اهنسا ۽ عدم تشدد جو پيروڪار هو تقريب ۾ سنڌين کان سواء ٻين قوميتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن به شرڪت ڪئي ۽ پينلسٽس کان جي ايم سيد جي سياست ۽ زندگي بابت سوال پڇيا

پهنجو تبصرو موڪليو