ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي بزنس مين ۽ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا چيو آهي ته کيس جيل ۾ ننگا ڪيو ويو. جنهن ڪري تمام گهڻو ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪيون.واضح رهي ته راجڪندرا کي جولاءِ 2021 ۾ فحش فلمون ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو پر ٻن مهينن کانپوءِ کيس ضمانت ملي وئي هئي.راجڪندرا هڪ تازي انٽرويو دوران جيل ۾ پنهنجي تلخ تجربو بيان ڪيو.راجڪندرا چيو ته اها ڏاڍي بي عزتي هئي ڇو ته اهي توهان کي بي لباس ڪندا آهن.ڇاڪاڻ ته اهي ڏسڻ چاهين ٿا ته توهان پاڻ سان ڪا به دوا نه کڻي آيا آهيو.هن چيو ته کيس هڪ عام بيرڪ ۾ رکيو ويو آهي ۽ هو پنهنجي ايندڙ فلم UT69 ۾ جيل جو تجربو به بيان ڪندو. واضح رهي ته راجڪندرا هن فلم ۾ اداڪاري ڪندي نظر ايندي ۽ اهو به سندس اداڪاري جي دنيا ۾ پهريون قدم هوندو.
