جيئڻ ٿي چاهيان حياتي بچايو، مئٽرڪ جي شاگردياڻي جي اپيل

رتوديرو(عطاءُ الله بروهي) بون ميرو جي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا عرضي ڀٽو جي رهائشي ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي 18 ورهين  جي سويرا جلباڻي بي وسي ۽ غربت جي ڪري علاج لاء پئسا نه هجڻ سبب زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھڻ دوران ڪنهن مسيحا جي منتظر آھي، هن وزير اعظم پاڪستان عمران خان، سنڌ حڪومت ، پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ ٻين وس وارن کان پنهنجي علاج لاء اپيل ڪئي آهي. هن سنڌيار کي  ٻڌايو ته اسان غريب آهيون منهنجا ڀائر مزدوري ڪندا آهن ڪافي عرصي کان مونکي بون ميرو نالي مرض آهي جنهن جو صرف ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ ئي علاج ٿي سگهي ٿو جتي ڊاڪٽرن پاران علاج لاء 42 لک روپيه گهريا آهن، غريب آھيون پئسن جي وصيت نه هئڻ ڪري بيماري جي بستري تي پئي آھيان.

پهنجو تبصرو موڪليو