جيئن خطي مان داعش جو خاتمو ٿيو، اسرائيل جو ٿيندو

بيروت (ويب ڊيسڪ)لبنان جي مزاحمتي تحريڪ حزب الله جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل شيخ نعيم قاسم چيو آهي ته جهڙي طرح خطي مان داعش جو خاتمو ڪيو ويو، ايئن ئي اسرائيل سان به ٿيندو.ايران جي پرڏيهي وزير عبداللهيان چيو آهي ته سياسي رستو آهي ۽ هو ان تي گڏيل قومن جي نمائندي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ايراني پرڏيهي وزير اسرائيل جي حمايت ڪندڙن کي خبردار ڪيو ته اهو موقعو ڪجهه ڪلاڪن ۾ ختم ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن حزب الله جنگ ۾ شامل ٿي ته ان جا اسرائيل تي تباهه ڪندڙ اثر پوندا.ٻئي طرف حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه به خبردار ڪيو آهي ته حماس ۽ ٻيا فلسطيني مزاحمتي گروپ اسرائيل جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندا. ٻئي طرف آمريڪي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل-فلسطين تڪرار دوران مارجي ويل آمريڪي شهرين جو انگ 29 ٿي ويو آهي.اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 3 هزار جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن وقت تائين 9 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو