جوهر ٽائون بم ڌماڪي جو شڪي ملزم گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر طيبه جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد حافظ سعيد جي گهر لڳ بم ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪار جي مالڪ کي پوليس گرفتار ڪيو آهي. ابتدائي جاچ موجب پيٽر پال ڊيوڊ نالي شخص لاهور کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته جهاز مان لاهي کيس تفتيش لاءِ ڳجهي جاءِ تي منتقل ڪيو ويو آهي. جوهر ٽائون لاهور ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ 3 فوت ۽ 24 زخمي ٿيا هئا.ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل ڪار 2010 ۾ گجرانوالا مان چوري ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو