جهوڪ ڪيئَن جهريون؟

فاروق احمد سرگاڻي
صوفي شاه عنايت سنڌ توڙي دنيا جي سڀني ھارين جي حقن جي ڳالھہ ڪندڙ شايد دنيا جو پهريون ماڻهو ھجي، جنهن ايڏي وڏي تحريڪ ھلائي. پر افسوس اھو آھي تہ سنڌ جي ماڻهن کي ھن مھان شخصيت جي جدوجهد جي خبر گهٽ آھي، شاه عنايت سماج مان طبقاتي اڻبرابري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
شاه عنايت بنيادي طور تي ھڪڙي پختي سياسي شخصيت ھو جنهن وڏي پيماني تي ” جو کيڙي سو کائي”تحريڪ هلائي سنڌ جي جاگيردارن جي چيلَهہ چٻي ڪري ڇڏي ۽ پنهنجو آکيرو وڃي ٺٽي شهر کان 35 ميلن جي مفاصلي تي جهوڪ شهر ۾ اڏيو.
شاه عنايت تمام گهڻو ڏاھو شخص ھو، جنهن قرآن پاڪ کان پوء سعدي، حافظ ۽ رومي جو به چڱي طرح مطالعو ڪيو. ھن بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ملتان جي عالم شيخ شمس الدين ملتاني وٺ ڪجھہ عرصي تائين تعليم پرائي، ان کان پوءِ پاڻ برصغير جي ٻين وڏن ليکڪن سان ملاقات ڪئي، ۽ حيدرآباد دکن وڃي پهتو جتي ان جي ملاقات شاه عبدالملک سان ٿي.
ان کان پوءِ ھي موٽي اچي جهوڪ شريف ۾ ترسيو ۽ جيڪا جاگير وڏن کان مليل ھئي اھا ھارين ۾ ورھائي ڇڏي، ۽ گڏيل کيڙڻ جي عمل جي شروعات ڪئي، سڀئي ھارين سموري زمين تي گڏجي ڪم ڪندا ھئا ۽ ھر ڪوئي پنهنجو پورائي رکي ٻيو بچيل فصل ٻين ضرورتن جي لاء رکيندا ھئا. تمام جلدي گهڻا ماڻهو پنهنجو جاگيرو شاه عنايت جي جاگيرن سان ضم ڪرڻ لڳا. تنهن وقت ھڪڙو فويوڊل ڪلاس وجود ۾ اچي چڪو ھو، ڇو تہ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ ندين مان ڪينال ڪڍي ڪري چڱي خاصي زمين کي آباد ڪئي. انهن سمورين جاگيرن تي ڪنهن بہ قسم جي ٽيڪس ڪونہ ھوندي ھئي، جيڪي ملن، پنڊتن، پيرين ۽ جاگيردارن جي ملڪيت ھوندي ھئي، ۽ ھيٺيون طبقو پيڙيل ھوندو ھو.
اھا ڳالھہ ان جي جاگيردارن لاء ڪابل ئي قبول ڪونہ ھئي، انهي ڪري ان وقت جي مقامي جاگيردار جنهن ۾ سرفهرست حمل جت ۽ نور نبي پليجو جو نالو ملي ٿو .انهن ٺٽي شهر جي گورنر نواب اعظم خان سان ملي ڪري، مغل بادشاه فرخ سير جي حڪم سان جيڪا شاه عنايت جي سٿ ٺھي يا جيڪي ان جا روحاني فقير يا اجتماعي فائدي جي ڪري جيڪي گڏ ٿيا. انهن جي خلاف ھڪ سگهاري جدوجهد جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ بيدردي سان عام ماڻهن جو قتل عام ڪيو ۽ فوج کي گڏ ڪري جهوڪ شهر جو گيراء ڪيو. اھو گيراء چئين مھينن تائين جاري رھيو. يقينن ھي تمام وڏي جنگ ھوندي جيڪا سڄا سارا چار مھينا ھلي.
شاه عنايت جي ماڻهن بهادري سان چئين مھينن تائين مقابلو ڪيو ۽ آخر تائين وڙھندا رھيا، يقينن شاه عنايت تمام وڏو جنگي ڄاڻو ھو، تنهن ڪري تہ فقيرن سان گڏجي منهن ٽوڙ جواب ڏنو جيڪو يقينن تمام وڏي ڳالھہ ھئي، فقيرن جهوڪ شهر جي ٻاھران خندقون کوٽيون جنهن سان وڏو فائدو اھو ٿيو تہ انهن ماڻهن کي آساني سان اڳتي اچڻ ڪونہ ڏنو، ٻيون وري فقيرن خفيا طريقي سان گوريلا جنگ وڙھي ڇو تہ اھي ميدان جنگ ۾ نہ وڙھي سگهيا ۽ انهن وٽ سٺا ھٿيار ڪونہ ھئا.
ان وقت ظاھري ڳالھہ آھي تہ معاشي بحران بہ ٺٽي ۾ آيو ھوندو، ان جو فائدو شاه عنايت کي ٿئي ھا ليڪن ھن ٻاھرين ماڻهن جي اچڻ تي پابندي مڙھي ان سان تحريڪ کي وڏو نقصان ٿيو. جڏھن ھنن ڏٺو تہ اسان جهوڪ تي قبضو نٿا ڪري سگهون ۽ رھندي تحريڪ کي وڌايون پيا تہ انهن صلح ۽ چالبازي واري پاليسي کي ھٿي ڏني ۽ آخرڪار 1 جنوري 1718ع تي شاه عنايت کي صلح جي تجويز پيش ڪئي. قرآن پاڪ جي آڙ ۾ شاه عنايت کي راضي ڪيو پر ھن کي خبر ڪونہ ھئي تہ ھي قرآني ماڻهو آھن؟ ھن سازش ۾ يار محمد ڪلھوڙي ۽ ٻيا وڏيرا، پير، مير ۽ جاگيردار ھئا. نيٺ انهن شاه عنايت کي گهرائي شهيد ڪيو، پوء ھارين جي پٺيان لٺ لڳي. محقق ۽ تاريخدان چون ٿا تہ 24 ھزار ماڻهن کي ماريو ويو ھو.
جهوڪ جي جدوجهد جو نتيجو اھو نڪري ھا جيڪو فرانس انقلاب کان پوءِ نڪتو جنهن سڄي يورپ جو نقشو مٽائي ڇڏيو، ۽ مڪمل طور تي جاگيرداري نظام جو خاتمو آڻي ڇڏيو، اهڙي ريت ھتي اھو نتيجو ضرور نڪري ھا.
جهوڪ تي قبضو ڪرڻ آسان ڪونہ ھو، انهي ڪري شاه عنايت کي ڌوڪي سان گهرائي قتل ڪيو انهي کان پوء فقيرن تي وڏو ظلم ٿيو سري عام انهن کي قتل ڪيو ويو ۽ ھلندڙ جدوجهد کي ماٺو ڪيو ويو.
پر يقينن شاه عنايت جي نظري ھن ملڪ جي وڏن ليکڪن کي منجهائي ڇڏيو آھي، سنڌ جو وڏو تاريخدان پير حسام الدين راشدي صوفي شاه عنايت کي دنيا جو پهريون سوشلسٽ سڏيو آھي. ۽ شاه محمد مري جيڪو بلوچ ليکڪ آھي انهي پنهنجي ڪتاب ۾ شاھ عنايت کي ڪميونسٽ ڪوٺيو آھي ۽ ان جي نظريي يا فڪر کي ڪميونيزم سان جوڙيو آھي، شاه محمد مري پنهنجي ڪتاب (جهوڪ جنگ جو ڪمانڊر شاه عنايت شهيد) جيڪو يقينن تحقيق تي ٻڌل آھي، وڌيڪ لکي ٿو، جهوڪ جي جنگ ۾ 24 ھزار ماڻهو مارجي ويا ھئا. پر وري صوفي حضور بخش پنهنجي ڪتاب شاه عنايت شهيد ۾ لکي ٿو تہ اٽڪل چھہ ست ھزار ماڻهن کي چئين مھينن جي اندر ماريو ويو. حقيقت جي خبر ڪونهي ڇوتہ ان وقت جا تاريخي دستاويز ڪو نہ ٿو ملي، جيڪو ان وقت جو مفيد دستاويز ھجي.
شاه محمد مري وڌيڪ لکي ٿو تہ ھن ڳڻي ڳڻي دانشورن ۽ ٻين پيروڪارن کي جنگ جي ميدان مان ٻاھر ڪديو جئين جنگ جو نتيجو ڪجھہ بہ نڪري پر اھي ماڻهو ايندڙ وقت لاء تيار ھجن، ۽ ٻئي وڏي ڳالھه جيڪا مري تحقيق ڪندي ڏٺي تہ مسلمانن سان گڏوگڏ ھنڌن جون قبرو آھن، وڌيڪ خبر نہ پئي تہ انهن کي سارڻ جو بجا پوريو ڇو ويو.
صوفي شاه عنايت سنڌ جي تاريخ جو منفرد ڪردار ھو، جنهن جو کيڙي سو کائي جو فڪر ڏنو ۽ دائرو ٺاھي گڏيل ملڪيت جو تصور پيش ڪيو، سماجي ڀائيچاري ۽ مذھبي رواداري جو درس ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو