جنگلي جيوت کاتو ناڪارا بڻيل ڪيترائي عهدا خالي پيل

سکر(امداد علي ڪلوڙ) سنڌ وائلڊ لائف کاتي جي  ڪنزرويٽر جي نا اهلي سبب سنڌ وائلڊ لائف کاتو  ناڪارا بڻجي ويو آهي  جڏهن ته  سنڌ وائلڊ لائف کاتي جو ڪنزرويٽر آفيس ۾ ويهڻ به ڇڏي ڏنو، ماڻهو ڪم ڪار لاء آفيس ۾ ويهي ويهي مايوس ٿي موٽي وڃن ٿا . ذريعن موجب سنڌ وائلڊ لائف کاتي جو ڪنزرويٽر پنهجا نوازڻ ۾ پورو آهي جڏهن ته  ،حيدرآباد  ڊويزن ۽ ميرپورخاص ڊويزن  ۾ جونئير آفيسر مقرر ڪرڻ جو انڪشاف  به  ٿيو آهي . ذريعن ٻڏايو آهي ته  سنڌ وائلڊ لائف کاتي جا سينيئر آفيسر لائن حاضر ٿيل آهن ۽  سنڌ وائلڊ لائف کاتي جو هاڻوڪو  ڪنزرويٽر  ٻيلي کاني کان  آيل آهي. هي به ٻڌايو ٿو وڃي ٿو  ته  سنڌ وائلڊ لائف کاتي جي سکر ڊويزن،بينظير آباد ڊويزن ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪيتري ئي وقت کان ڊپٽي ڪنزرويٽر مقرر نه ٿي سگهيا.آهن . سنڌ وائلڊ لائف کاتي سکر ڊويزن،بينظير آباد ڊويزن ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ عوام جا ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن  سنڌ وائلڊ لائف کاتي ۾  مقرر ٻيلي کاتي جي  ڪنزرويٽر  کي هٽائي. سنڌ وائلڊ لائف کاتي کي بچايو وڃي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو