جماعت پاران 4 حلقا چئلينج،مصطفيٰ ۽ ستار جا ڪاميابي خلاف درخواست داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻن فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال جي ڪاميابي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.ڪراچي جي تڪ اين اي 242 تان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي ڪاميابي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.مصطفيٰ ڪمال جي ڪاميابي کي آزاد اميدوار دوا خان صابر چيلينج ڪيو آهي.دعا خان صابر جي وڪيل جبران ناصر ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته فارم 45 تحت دعا خان صابر 53 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته فارم 47 ۾ نتيجا تبديل ڪيا ويا ۽ مصطفيٰ ڪمال ڪامياب ٿيو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته مصطفيٰ ڪمال جي ڪاميابي جو فارم 47 ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.ٻئي طرف ڪراچي جي تڪ اين اي 244 تان ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪاميابي کي به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.آزاد اميدوار آفتاب جهانگير فاروق ستار جي ڪاميابي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته آزاد اميدوار آفتاب جهانگير فارم 45 تحت اليڪشن کٽي هئي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي فتح جو فارم 47 ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.جماعت اسلامي صوبائي اسيمبلي جي چئن تڪن جي نتيجن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.جماعت اسلامي جي جنيد مڪي پي ايس 104 جي چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تان ايم ڪيو ايم پاڪستان جو محمد دانيال ڪامياب ٿيو.جماعت اسلامي پي ايس 124 تان ايم ڪيو ايم جي عبدالباسط جي ڪاميابي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.پي ايس 123 تي جماعت اسلامي جي محمد اڪبر ايم ڪيو ايم جي عبدالوليم جي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو.پي ايس 126 تان جماعت اسلامي جي نصرت الله چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪيو آهي، جتان ايم ڪيو ايم پاڪستان جو محمد افتخار عالم ڪامياب ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو