جماعتِ اسلامي احتجاج، ڪراچي ۾ ڌرڻا، روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ جام

جماعتِ اسلامي احتجاج، ڪراچي ۾ ڌرڻا، روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ جام

ڪراچي /لاهور /اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيٽروليم شين تي لاڳو ڪيل ليويءَ خلاف جماعتِ اسلامي پاران ملڪگير احتجاج جي سڏ تي ڪراچي جي مختلف اهم شاهراهن تي ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪيا ويا، جنهن سبب سڄي شهر ۾ ٽرافڪ جو نظام سخت متاثر ٿي ويو.جماعتِ اسلامي پاران پوري ملڪ اندر 510 هنڌن تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن تي عمل ڪندي اڄ ڪراچيءَ جي مختلف سينٽرل پوائنٽس تي ڪارڪنن پاران روڊ بند ڪري احتجاجي ڌرڻا هنيان ويا. جماعتِ اسلامي ڪراچيءَ جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ موجب ناٿا خان وٽان شاهراهه فيصل ڏانهن ويندڙ رستو، هب ريور روڊ ۽ سپر هاءِ وي کي ڌرڻا هڻي ٽرافڪ لاءِ مڪمل طور بند ڪيو ويو.ٻئي طرف ٽرافڪ پوليس پاران جاري ڪيل ايڊوائزريءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مزارِ قائد، نمائش چورنگي، سدر، شاهراهه فيصل، شاهراهه پاڪستان، يو پي موڙ، پاور هائوس چورنگي، ڊفينس، سي ويو، شاهراهه اورنگي، هب ريور روڊ، سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي سميت اهم رستا احتجاج سبب متاثر ٿيا آهن. پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي غيرضروري سفر کان پرهيز ڪن ۽ بغير ڪنهن ايمرجنسيءَ جي متاثر علائقن ڏانهن وڃڻ بدران متبادل رستا اختيار ڪن. ٻئي طرف سنڌ جي مختلف ضلعن ٺٽي، مٽياري، ٽنڊو الھيار، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪارڪنن ۽ شهرين پاران روڊن تي ڌرڻا هڻي مرڪزي شاهراهن کي بند ڪيو ويو، جنهن سبب سنڌ جي مختلف علائقن وچ ۾ به آمدورفت شديد متاثر ٿي.

ملڪ جي ٻين جڳهن تي به جماعتِ اسلامي جا ڌرڻا
پيٽروليم ليويءَ خلاف جماعتِ اسلامي پاران احتجاج جي سڏ تي ڪراچيءَ کان پوءِ اسلام آباد، لاهور، ڪوئٽه ۽ پشاور سميت ملڪ جي ٻين سمورن صوبائي دارالحڪومتن ۽ شهرن ۾ به وڏا احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا.رپورٽن موجب اسلام آباد ۾ گوڙها موڙ وٽ جماعتِ اسلامي جا ڪارڪن وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيا، جتان هنن چونگي 26 ڏانهن مارچ ڪيو، جنهن سبب شري نگر هاءِ وي کي ٽرافڪ لاءِ مڪمل طور تي بلاڪ ڪيو ويو، جنهن ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو