جعفري، پنهوار تڪرار هلندڙ، نينگري سميت 4 عورتون زخمي

خانپور(زبيرگل) ڳوٺ نبي داد پنھور ۾ جعفري، پنھوار برادري جي پراڻي تڪرار تان جھيڙي جي نتيجي ۾ ھڪ نينگري وينجھر، سندس امڙ صدوري پنھوار، صائمہ زال حاجي پنھوار، سياڻي زال علي گوھر جعفري لٺيون سروٽا لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا جن کي خانپور پوليس کڻائي اسپتال آندو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ياد رھي ته پنھوار جعفري پراڻي تڪرار تان 2 ڏينھن اڳ جعفري ڌر جو بھرام جعفري قتل ٿيو ھو جنھن سبب ھڪ ڀيرو ٻيھر وري جھيڙو ٿي پيو ۽ ھڪ نينگري سميت ٻنھي ڌرين جون 4 عورتون زخمي ٿي پيون آھن پنھوار برادري جي خان پنھوار صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته جعفرين جو جن پنھوارن سان جھيڙو آھي انھن سان اسان جو ڪو تعلق يا واسطو نه آھي اسان جي انھن کان لاتعلقي ٿيل آھي اسين انتھائي مسڪين آھيون اسان جو جھيڙي سان واسطو نه آھي ان جي باوجود جعفري برادري جي ماڻھن اسان جي گھرن تي حملو ڪندي اسان جي گھرن ۾ پيل لکين روپين جي ماليت جو سامان ۽ اناج کڻي اسان جي عورتن ۽ ٻارڙي کي زخمي ڪري ويا آھن، خانپور پوليس موقعي تي پھچي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو