جسٽس گلزار نئين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس گلزار احمد پاڪستان جي 27هين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس گلزار احمد کان چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف ورتو. حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان، وفاقي وزير ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کان علاوهه هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ وڪيلن سميت اهم شخصيتن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جسٽس گلزار احمد پهرين فيبروري 2022 تائين چيف جسٽس جي عهدي تي فائز رهندو. واضح رهي ته جسٽس گلزار احمد 1957 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ هن پنهنجي پريڪٽس جو آغاز 1986 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ڪيو. هو 1988 ۾ سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ بڻيو ۽ پوءِ 1992 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج بڻيو. جسٽس گلزار احمد 15 سيپٽمبر 2001 تي بطور وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ 16 نومبر 2011 کان عدالت عظميٰ ۾ بطور جج فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. جسٽس گلزار احمد اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي پاناما ڪيس ۾ نااهل قرار ڏيڻ، آئيني ترميم، ملٽري ڪورٽس، پاناما گيٽس، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي ۽ قبضا ختم ڪرائڻ سميت اهم ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچن جو حصو رهي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو