اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان گڏيل طور تي جسٽس محمد ابراهيم جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس محمد ابراهيم جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري تي غور ٿيو.ڪميشن جسٽس محمد ابراهيم جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري جي سفارش ڪئي. سڀني ميمبرن گڏيل طور جسٽس محمد ابراهيم جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏني. جسٽس مسرت هلالي جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري کانپوءِ جسٽس ابراهيم پشاور هاءِ ڪورٽ جو قائم مقام چيف جسٽس آهي.
