جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو اختلافي نوٽ، يا چارج شيٽ؟

سيد زوار حسين شاهه ڪنهن به رياست حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاء اهو لازمي ضروري آهي ته اختلاف راء رکجي ، ملڪ جي تعمير ترقي لاڀ پنهنجا مشوره حڪومت وقت کي به پيش ڪن پر هڪ عرض ته تنقيد براء اصلاح هجي جنهن سان ملڪ ۾ ڪافي تبديلي به اچي سگهي ٿي ، ان ڪري اختلاف راء اختلافي نوٽ سان گڏ قانوني آئيني تقاضه به دستور آئين مطابق هجن ،  پاڪستان جي تاريخ گواه آهي ته جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙ ۽ جمهوريت جي پردي اڳيان ۽ پويان سدائين پنهنجي ذاتي مفاد جي ڳاله ڪندڙ سياستدان ، ٻين ادارن مٿان تنقيد ڪرڻ سان گڏ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ بين عدالتن سڳورين جي جج صاحبان مٿان تنقيد ڪندا رهيا آهن ، هڪ جيڪو جج صاحب اگر سياستدانن جي خلاف اگر ڪو فيصلو ڏيئي ٿو يا ريمارڪس ڏيئي ٿو ته ان قابل احترام جج صاحبان خلاف فوري ميڊيا قلم ڪارن اڳيان اچي ڪافي غلط تنقيد ڪندا آهن حالانڪ جيڪو به ڪيس جيڪڏهن ڪنهن به عدالت سڳوري ۾ هلندڙ آهي ته ان تي گهٽ م گهت ڪنهن کي ناهي ڳالهائڻو ، پر  جيڪڏهن مان صرف هڪ ٻن انهن ڪيسن جي ڳالهه ڪيان جن تي هر روز جيان  سياستدانن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ٻاهران ڊائيز سجائي فوري پريس ڪانفرنس يا ميڊيا ٽاڪ ڪندا هيا ، جنهن ۾ پيناما ليڪس اسڪينڊل  جي ڳالهه ڪيان جنهن ۾ بهترين رپورٽنگ بهترين جي آئي ٽي رپورٽس ، گوهان ثبوتن کي مدي نظر رکندي عدالت سڳوري تاريخي فيصلو پن ٻڌايو جڏهن ته ان کان اڳ احتساب عدالت پن ٻڌڻي ڪئي ، برحال پاڪستان ليگ ن جا  ڪيترائي  سياستدانن عدالت سڳوري يا جج صاحبان مٿان تنقيد به ڪندا هيا  برحال منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن جج صاحبان جيڪي بهترين ملڪ جي بقا سلامتي پاڪستان جي مفاد م ڪم ڪري رهيا آهن انهن مٿان تنقيد گهٽ م گهٽ مونکي ته سمجهه ۾ نه ٿي اچي ، اسان ڪيڏانهن پيا وڃون ، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪنهن جج کي ڪو به ڪيس ٻڌڻ کان نٿي روڪي سگھي. اسيمبلي ميمبرن کي ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جو اختلافي نوٽ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته چيف جسٽس ٺوس سببن کان سواءِ جج تي جانبداريءَ جو الزام لڳايو، آئين ڪنهن به جج کي ٻئي جج جي دل ۾ ليئو پائي جانبداري جو جائزو وٺڻ جي اجازت نٿو ڏئي، ڪيس جي فيصلي سان چيف جسٽس جي ساک تي سوال پيدا ٿي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ ڪنهن به جج کي ڪو به ڪيس ٻڌڻ کان نٿي روڪي سگھي. اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جو بيان آئين جي خلاف ۽ ڪيس جي پڄاڻي حيران ڪندڙ هئي، حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي ووٽن جي خريد ۽ وڪرو جو چئي رهيا آهن، سينيٽ اليڪشن کان اڳ وزيراعظم ميمبرن کي ترقياتي فنڊ ڏيڻ جو چيو، اليڪشن ڪميشن به ترقياتي فنڊن جي اعلان جو نوٽيس نه ورتو، وزيراعظم جي رڳو آئيني قدمن کي قانوني تحفظ حاصل هوندو آهي. جسٽس فائز عيسيٰ اختلافي نوٽ ۾ چيو ته اٽارني جنرل جاچ بدران جج کي شڪايت ڪندڙ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، سڀني ججن جي صحيح ٿيڻ تائين حڪم نامو قانوني نٿو ٿي سگھي، وزيراعظم نه پر صدارتي ريفرنس خلاف درخواست ڪئي هئي، ٻين 13 ڄڻن سان گڏ وزيراعظم کي به ڌر بڻايو ويو هو، جيڪڏهن وزيراعظم کي ڌر بڻائڻ سبب هو ته ڌر بينچ جا ٽئي جج به هئا، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو حصو ٽي جج به بينچ ۾ شامل هئا. اختلافي نوٽ ۾ آهي ته جاچ بدران سپريم ڪورٽ جج کي آئيني ذميواري ادا ڪرڻ کان روڪيو ويو، پنج رڪني بينچ جوڙڻ ۽ جسٽس مقبول باقر کي شامل نه ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ويو هو، چيف جسٽس بينچ جوڙڻ تي اعتراض جو لکت يا زباني جواب نه ڏنو، رڪارڊ موجب چيف جسٽس جي زباني حڪم تي 5 رڪني لارجر بينچ بڻايو ويو، 10 فيبروري جي حڪم نامي ۾ ڪنهن به جج کي ٻڌڻي نه ڪرڻ جي ڪا به هدايت نه هئي، اٽارني جنرل به بينچ ۾ شامل ڪنهن به جج تي اعتراض نه ڪيو هو، واٽس ايپ تي ملندڙ دستاويز کليل عدالت ۾ ججن ۽ حڪومتي وڪيلن کي ڏيو، دستاويزن جي تصديق نه ٿئي ها ته ڳالهه اتي ئي ختم ٿي سگھي پئي. اختلافي نوٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو اهو به چوڻ هو ته وزيراعظم جي خلاف ڪيس نه ٻڌڻ جو مطلب آهي ته جج رڳو پرائيويٽ ڪيس ٻڌي سگھي ٿو، عمران خان کي ذاتي طور نٿو سڃاڻان ته جانبدار ڪيئن ٿو ٿي سگھان، جانبداري جو الزام عمران خان کي پاڻ لڳائي سگھي پيو، اٽارني جنرل هن جو ذاتي وڪيل نه آهي، ججن جي صحيح نه ٿيڻ تي ڪيس ختم ناهي پر ٻڌڻي هيٺ آهي، دعا آهي ته عدليه آئين جي هر ڀڃڪڙي ۽ اختيارين جي غلط استعمال جي خلاف بيهندي ، برحال مان عرض ڪيان ته مان به ڪجهه جمهوري حڪومتون ڏٺيون آهن جنهن م سچ اهو اهي ته عوام جي مفاد ۾ حڪومت رياست پاڪستان جا اداره ڪو خاص ڪردار ادا نه ٿا ڪن جنهن کي به تسليم ڪرڻ گهرجي ، هن وقت ملڪي صورت حال انتهائي خراب نظر رهي آهي سينٽ اليڪشن کان اڳ ادارن درميان  ڪا نه ڪا ڪشمڪش پيدا ٿي رهي آهي جنهن تي به اسان توهان سميت رياست پاڪستان جي تمام ادارن کي به نظر رکڻي پوندي ، هن وقت جتي ڪافي اداره جن ۾ سياسي ڀرتي يا سياسي مداخلت  ادارن کي تباهه ڪيو اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ،  ڪجهه اداره پاڪستان جي آئين کي مدي نظر رکندي بهترين ڪم ڪري رهيا آهن جن مٿان به اڪثر اهي تنقيد ڪري رهيا آهن جن جو ڪردار به اسان يج اڳيان آهي  ، هن وقت جيڪڏهن عوام کي ڪا اميد آهي ته اها صرف اسان کي سپريم ڪورٽ سميت عدالت سڳورين مان ئي آهي جتي هزارين  ڪيس هلي رهيا آهن  نهن مان اها مايد آهي ته ميرٽ تي  قانون آئين کي مدي نظر رکندي پاڪستان جي آئين جي بالادستي قائم ڪري رهيا آهن پر اهي ماڻهون جن کي آئين دستور پاڪستان يج ڪا ب خبر انهي اهي به عجيب غريب ڳالهيون ڪري رهيا آهن سب انهن تي به اسان کي حيررانگي ٿي رهي آهي ته هي پاڪستان م ڇا پيو ٿئي ، اڌ کان گهڻا سياستدان اهي به آهن جن مٿان اربين روپين يج رڪپشن جا  الزام آهن پوء لازمي اداره ڪن ڪن ٿا احتساب سڀنن جو ٿيڻ گهرجي ، پر احتساب به اهو جيڪو صاف شفاف هجي ، باقي جيڪڏن ائين هڪ ٻئي مٿان حمله ٿيندا ته پوء اسان پوئتي ڌڪجي ويندا ، برحال مان عرض ڪندس ته  ڪرپشن يج خاتمي لاء گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ، ملڪ جي ترقي لاء گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ، عوام جي فلاح بهبود لاڀ ڪم ڪرڻ گهرجي ، هڪ ٻئي مٿان تنقيد کان پاسو ڪرڻ گهرجي ، ڪيتريون ئي حڪومتون قائم ٿيون هر  هڪ وزيراعظم اها  ڳالهه ڪئي ته اسان سدائين عوام جي بي لوث خدمت ڪئي پر ڪڙو سچ اهو آهي ته ائين ناهي عوام اڄ به بک مري رهيو اهي عوام اڄ به تعليم کان  محروم آهي عوام اڄ به صحت جي خاص سهولتن جي فقدان ۾ ڦاٿل آهي ،  جڏهن ته  مان عرض ڪندس ته هر هڪ اختلاف راڀ رکي سگهي ٿو ، جيڪڏهن اسان اختلاف راء نه رکي ۽ صرف ڊپلوميسي ڪئيسين ته به ملڪ ترقي نه ڪندو ۽ اسان پاڻ ۾ ڪا به تبديلي نه آڻي سگهنداسين ان ڪري سوچي سمجهي ڌيان سان ملڪ يج بهتري ڳالهه لاء ٿيڻ گهرجي پوء ڏسئو ته ڪيئن ٿو پاڪستان ترقي ڪري ۽ عوام .خوش حال رکيzawarsaeen110@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو