جرمن وي لاگر جي مسلمان ٿي زويا ناصر سان مڱڻي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا زويا ناصر جرمن وي لاگر ۽ يوٽيوبر ڪرسٽين بيٽزمين سان مڱڻي ڪري ڇڏي آهي. سمنڊ ڪناري ٻنهي جون منڊي سميت تصويرون به سامهون اچي ويون آهن. زويا ناصر ۽ ان جي مڱيندي جي دوستي به رهي آهي ۽ جرمن يوٽيوبر جي اسلام قبولڻ وقت اهي افواهون گردش ۾ هيون ته پاڪستاني اداڪاره جي ڪري ئي هن اسلام قبول ڪيو آهي ۽ ٻئي شادي ڪرڻ وارا آهن. زويا ناصر پروپوزل جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو آهي ته اسان مڱڻي ڪري ورتي آهي، هن آڇ ڪئي ۽ مون ها ڪري ڇڏي. اونداهين جي وقت ۾ منهنجي لاءِ روشني بڻجڻ ۽ حقيقي خوشي ڏيکارڻ تي سندس ٿورائتي آهيان. ٻئي پاسي سندس مڱيندي به تصويرون شيئر ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو