لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني جبل چاڙهو سرباز علي به دنيا جي اٺين بلند ترين چوٽي مناسلو جي چوٽي تي پهچي ويو، سرباز علي 2019 ۾ پهريون ڀيرو مناسلو چوٽي سر ڪئي.سرباز 2021 ۾ مناسلو کي ٻيهر سر ڪيو، حقيقي سمٽ پوائنٽ کي ظاهر ڪرڻ کان پوء، سرباز علي مصنوعي آڪسيجن کان سواء 8163 ميٽر چوٽي مناسلو کي سر ڪيو.پاڪستاني پهلوان سرباز علي اڄ صبح پاڪستاني وقت موجب 6:30 منٽن تي مناسلو جي چوٽي تي پهتو. سرباز علي 8 هزار ميٽرن جي بلندي 14 مان 12 چوٽيون سر ڪري چڪو آهي، باقي ٻن چوٽيون سر ڪرڻ لاءِ پاڪستاني جبل پرست جلد چين روانو ٿيندو.
