ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تي استادن ۽ شاگردن تي ڪيس داخل

ڄامشورو: (ن س) مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي ڏوهه ۾ يونيورسٽي جي ٻن استادن ۽ 15 شاگردن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڄامشوري ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس آءِ پي گل بيگ کٽياڻ جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٻن استادن ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرس ڊاڪٽر يونس لغاري ۽ پروسٽ بوائز ھاسٽل ڊاڪٽر پسند کوسو کي به نامزد ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ ثقلين سنڌي، حسنين راشد جوڻيجو، علي رضا بروهي، عبدالجبار بوزدار، علي گل سولنگي، ذيشان بليدي، سراج سنڌي، نظير کوسو، مظهر آريسر، نادر ڀيلار، علي ابڙو، فواد جانوري، ذيشان چانڊيو ۽ آصف ڪيريو جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.جڏهن ته داخل ڪيس ۾ نامزد ٻن استادن تي شاگردن کي ورغلائڻ جا الزام هنيا ويا آهن.داخل ڪيس ۾ سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم به لڳايا ويا آهن.ٻئي طرف ڪيس داخل ٿيڻ تي سنڌ جي سياسي سماجي ۽ قوم پرست تنظيمن جي اڳواڻن مذمت ڪندي ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو