توشه خانه ڪيس، بشريٰ جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت طرفان ڪاوڙ

توشه خانه ڪيس، بشريٰ جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت طرفان ڪاوڙ

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) توشه خانه ٽو ڪيس ۾ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي ۽ ان جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت طرفان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي.اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بشريٰ بي بي ۽ ان جو وڪيل اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿيا جنهن تي عدالت طرفان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.ٻڌڻي دوران چوٿين گواهه ڪيبنٽ ڊويزن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن محمد احد تي جرح مڪمل ڪئي وئي، جرح پي ٽي آءِ باني جي وڪيل قوسين فيصل مفتي ڪئي. ٻڌڻي دوران استغاثه جي گواهه طلعت جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو.عدالت بشريٰ بي بي جي وڪيلن طرفان ايندڙ ٻڌڻي تي گواهه تي جرح مڪمل نه ڪرڻ تي ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي گڏيل طورتي وڌيڪ پنج گواهن کي طلب ڪري ورتو. عدالت محمد شفقت، قيصر، عمر صديق، محسن ۽ فهيم کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه ٽو ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 14 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو