اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ٻئين اقتصادي جائزه ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرض جو ان فلو جلد ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.آءِ ايم ايف پاڪستان کان توانائي جي شعبي ۾ ٿيل نقصان ۽ بجلي جي چوري روڪڻ جو پلان ۽ ڪيپسٽي چارجز ۾ گهٽتائي جون تجويزون گهري ورتيون آهن. پاڪستاني اختيارين آءِ ايم ايف کي گردشي قرض 6 سالن جي مقرر حدف کان اڳ ئي ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريندي ٻڌايو ته گردشي قرض جي خاتمي لاءِ بينڪن کان 1225 ارب روپين جو قرض معاهدو طئي ٿي ويو آهي.آءِ ايم ايف وفد کي ٻڌايو ويو ته قرض معاهدي سان صارفين تي ڪوبه نئون بار نه پوندو. ادائيگيون پهريان کان لڳايل 3 روپيه 23 پئسا في يونٽ چارج ڪيون وينديون. اضافي بجلي صنعتي شعبي ۽ ڪرپٽو مائننگ ۾ استعمال ڪئي ويندي. عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان کان ڊسڪوز جي گورننس بهتر بنائڻ جي لاءِ اصلاحات تيز ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ڇڏيو.










