ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال جي صحت ۾ بهتري اچي رهي آهي، جنهن سبب کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو،تازو تميم اقبال کي ڍاڪا پريميئر ليگ جي هڪ ميچ دوران دل جو دورو پيو جنهن کان پوءِ کيس فوري طور تي گرائونڊ کان ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڍاڪا جي ويجهو ساور جي هڪ اسپتال ۾ تميم اقبال جي اينجيوپلاسٽيءَ ڪئي وئي، جڏهن سندس حالت بهتر ٿي، تميم اقبال کي ڍاڪا شهر جي هڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو، تميم اقبال جي صحت ۾ تيزي سان بهتري اچي رهي هئي، جنهن کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان کي جمعي تي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو، ڊاڪٽرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته تميم اقبال جلد ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪندو.










