تعليم کاتي ۾ ڀرتين جو عمل روڪيو،بلوچستان هاءِڪورٽ جو حڪم

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ ڀرتين جو عمل روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد ڪامران خان ملاخيل ۽ جسٽس سردار احمد حليمي تي ٻڌل بينچ هڪ آئيني درخواست جي ٻڌڻي ڪندي فيصلو ٻڌايو، عدالت تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي تعليم کاتي ۾ هلندڙ ڀرتين جي نتيجن جو اعلان نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو.درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سرڪاري جوابدار تعليم کاتي جي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ ڪيڊر ۾ 8551 خالي جاين تي ڀرتين جي عمل کي حتمي شڪل ڏيڻ وارا آهن پر موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ واري آهي ۽ هن مختصر عرصي ۾ اهي ڀرتيون ڪرڻ بلڪل ناممڪن آهي.ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته هڪ طرف بلوچستان سخت مالي بحران جو شڪار آهي، ٻئي طرف ڀرتيون ٿي رهيون آهن، تعليم کاتو به سنگين گورننس بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي، صوبي جي سالياني بجيٽ جو 75 سيڪڙو کان وڌيڪ پگهارن ۽ پينشن تي خرچ ٿئي ٿو.عدالت چيو ته صوبائي بجيٽ جو وڏو حصو بلوچستان حڪومت جي کاتن ۾ امتيازي ڀرتين ۽ مقررين جي صورت ۾ غير ترقياتي خرچن تي خرچ ڪيو پيو وڃي. اها به ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته صوبي ۾ 3500 کان وڌيڪ اسڪول غير فعال آهن، تعليم کاتو غير فعال اسڪولن کي فعال بڻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي، جڏهن ته انهن اسڪولن ۾ استادن کي مقرر ڪري پگهارون وصول ڪيون پيون وڃن.مختلف استادن يونين ۽ انجمنن جي دٻاءُ سبب انهن اسڪولن کي ٽائيم اسڪيل پروموشن ڏنو ويو.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي کاتي کان پڇا ڪئي ته استادن جو ڪل تعداد، شاگردن جو ڪل تعداد، اسڪول ڇڏي وڃڻ وارن جو ڪل تعداد، نان ٽيچنگ اسٽاف جو ڪل تعداد، غير فعال اسڪولن جو ڪل تعداد ۽ اسڪولن جي جڳھ جا تفصيل پيش ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو