تعليم تي ڄاڻايل خرچ سان ته ڪيمبرج ۽ هاورڊ ٺهي وڃن ها

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان سنڌ سرڪار جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، ڪورونا بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران پيش نه ٿيڻ تي اي جي سنڌ مٿان ڪاوڙ جو اظهار، اي جي سنڌ کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي سال 2013ع کان 2017ع تائين سنڌ ۾ تعليم جي شعبي تي 2 ارب 60 ڪروڙ  خرچ ڪيا ويا، ايتري رقم خرچ ٿيڻ تي سنڌ ۾ هارورڊ ۽ ڪيمبرج جهڙا ادارا ٺهي وڃن ها، تعليم جي شعبي ۾ وڏي رقم خرچ ٿيڻ باوجود ڪابه تبديلي نظر نٿي اچي، صحت جي شعبي ۾ جيڪا رقم خرچ ٿي، اُن سان هر علائقي ۾ بهترين اسپتال ٺهڻ گهرجي، عدالت سنڌ حڪومت کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو