ترڪيه ۽ شام ۾ آيل زلزلي سبب فوتين جو انگ 37 هزار کان وڌي ويو

ترڪيه ۽ شام ۾ آيل زلزلي سبب فوتين جو انگ 37 هزار کان وڌي ويو

انقره: (ويب ڊيسڪ) 6 فيبروري تي ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 37 هزار کان وڌي ويو آهي.ترڪيا ۽ شام ۾ زلزلي بعد امدادي سرگرميون جاري آهي، ملبي هيٺان دٻيل زندا بچيل ماڻهن جي ڳولا واريون اميدون وقت گذرڻ سان گهٽجي رهيون آهن.رپورٽس موجب ڀوائتي زلزلي سبب فوتين جو مجموعي انگ 37 هزار کان وڌي ويو آهي، جن مان 31 هزار 643 ترڪيا ۽ شام ۾ 5 هزار 714 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.رپورٽس موجب ترڪيه جي ڪجهه علائقن ۾ پاني جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته ماڻهو صحت ۽ صفائي جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، انکانسواءِ وبائي مرض پڻ پکڙجڻ لڳا آهن، متاثرن طرفان چمڙي جي بيمارين ۽ ڊائريا جون شڪايتون سامهون آيون آهن.ٻئي پاسي هفتو گذري وڃڻ کانپوءِ به ٻنهي ملڪن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ ريسڪيو رضاڪار ڍيرن هيٺان زنده بچيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن.گذريل ڏينهن ترڪيه جي شهر قهرامان ماراش ۾ 183 ڪلاڪن بعد ڏهن ورهين جي ٻارڙي ۽ حاطي صوبي مان 182 ڪلاڪن کانپوءِ 12 ورهين جي ٻار کي ملبي مان زنده ڪڍيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو