ترين جا رابطا تيز، پنجاب مان وڏي انگ ۾ شموليت جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان اسٽيبلشمينٽ پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين وطن واپسي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ سياسي رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن موجب جهانگير ترين جي سياسي رابطن کانپوءِ پنجاب اسيمبلي جي 30 کان وڌيڪ اڳوڻن ميمبرن جي پاڪستان استحڪام پارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين ۽ عليم خان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ملاقات ڪندا، جڏهن ته پارٽي قيادت خيبرپختونخواهه جي وڏين سياسي شخصيتن سان به رابطو ڪيو آهي. ثور موجب اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي جي رجسٽريشن به هلندڙ هفتي مڪمل ٿي ويندي، جهانگير ترين ۽ عليم خان جي منظوري کانپوءِ درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي قيادت به وڏي پيماني تي ميمبر سازي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو