تحريڪ انصاف جو ايندڙ 2 هفتن ۾ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف ايندڙ ٻن هفتن ۾ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ پارٽي اليڪشن ڪميشن جلد انٽرا پارٽي چونڊن جو شيڊول جاري ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چئني صوبن اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون وينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جي منظوري کانپوءِ باضابطا انٽرا پارٽي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويندو، پينل وار اميدوار انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺندا.ذريعن موجب عام چونڊن سبب پي ٽي آءِ باني انٽرا پارٽي چونڊون روڪي ڇڏيون هيون پر پولنگ فيبروري جي آخر يا مارچ جي شروعات ۾ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو