تاريخي قبرستان اُجڙي ويو، قبرن جي بي حرمتي جاري

پيرجوڳوٺ (صفي الله مڱڻيجو) تاريخي قبرستان ماڪن مقام انتظاميه جي نااهلي ڪري اجڙي ويو آهي قبرستان کي حفاظت لاءِ لڳايل چوديواري مڪمل طور ڪري پئي آهي چوديواري نه هجڻ ڪري قبرستان ۾ رولو جانور ھر  وقت بيٺل آهن جنهن ڪري قبرن جي بي حرمتي ٿي رهي آهي. ان ڏس ۾ شهرين بشير اُحمد گھمرو، منورحسين ڌاريجو، عبدالقادر.، نويد علي مري، احمد ناريجو، خادم حسين منڱڻيجو، ۽ ٻين روزانه سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته ماڪن مقام قبرستان هڪ صدي کان وڌيڪ جو قبرستان آهي پر انتظاميه جي نااهلي ڪري هي قبرستان اجڙي ويو آهي ۽ چوديواري مڪمل طور ٽٽي تباهه ٿي وئي آهي جنهن ڪري قبرن جي بي حرمتي ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته ڪجھ سال اڳ وڏي لاڳت سان قبرستان کي حفاظت لاءِ چوديواري لڳائي وئي هئي پر ڪرپشن ٿيڻ ڪري قبرستان جي ديوار مڪمل طور ٽٽي وئي آهي اسان ڪافي بار احتجاج پڻ ڪيا آهن پر ان باوجود ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي. هنن اعلى اختيارين کان گھر ڪئي ته ماڪن مقام قبرستان کي چوديواري ڏئي قبرن جي بي حرمتي ٿيڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو