تاريخي ثقافتي ماڳن سان هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين

حيدرآباد: (ن س) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڪارونجهر سنڌ جو ڪنڌ آهي ان کي ڪپڻ جي سوچ سنڌ دشمني تي مبني آهي، سنڌ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر ڪارونجهر جي نيلامي جو اشتهار جاري ڪري سنڌ جي عوام سان دوکو ڪيو آهي.ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته سنڌ حڪومت ويندي ويندي سنڌ جو ڪارونجهر کپائي پئسن سان پنهنجا گهر ۽ ڀرڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن ڪارونجهر جي نيلامي وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ سخت احتجاج ٿيندو ڪيو ويندو.ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجو وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران اعلانيل ڪاونجهر جي نيلامي خلاف ايس ٽي پي پاران نيلامي واري ڏينهن ڊي جي منرلس آفيس ڪراچي آڏو 4 آگسٽ کان هن حڪومت جي مدي خاتمي تائين ڌرڻو هنيو ويندو. ڪارونجهر جي نيلامي واري فيصلي کي سنڌي قوم پنهنجي سياسي جدوجھد سان واپس ڪرائيندي.ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته پ پ پ حڪومت ياد رکي جيڪڏهن هنن هي سنڌ دشمن فيصلو واپس نه ورتو ته سندن نمائندن جو چونڊن ۾ عوام بيضن ۽ ٽماٽن سان استقبال ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو