ناليواري اديب تاجل بيوس جي ورسي

ڪڏهن “بيوس” تنهنجا زخم اگھيا،
ڪڏهن ڌرتيءَ تنهنجا پار پڇيا،
اڄ پٿر بہ تنهنجا ڪين ٿيا،
ڪڏهن ترندو هئين تون گلابن ۾
تاجل بيوس
نڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب، ۽ نقاد،تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد ولد محمد جعفر سمو هو. هي 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري، ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم نورپور ۽ ڀونڀٽ پور اسڪولن مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ثانوي تعليم گمبٽ هاءِ اسڪول مان ۽ گرئجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. بعد ۾، ايم. اي (اقتصاديات)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِ جپان،ٿائيلئنڊ ۽ آمريڪا مان مختلف ڪورسز ڪري آيو،تاجل بيوس 1960ع ۾ انگريزي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪئي. بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر،اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. تاجل بيوس ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهي چڪو آهي. تاجل بيوس شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون به لکيا. سندس هفتيوار ڪالم ”عوامي آواز“ سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. شاعري (سنڌي/ اردو)، سفرنامن، آتم ڪٿا ۽ مختلف موضوعن تي سندس 44 ڪتاب لکيل آهن.تاجل بيوس جي مشهور ڪلام سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکِي، ڇا لِکان سنڌ توڙي هند ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هند ۾ ان کي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي تراني آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي وانگر اهميت حاصل آهي. تاجل بيوس کي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا مڃتا ايوارڊ مليا. سنڌ جي هن نامياري شاعر، دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه چوڪنڊي قبرستان ڪراچيءَ ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو